پلي مبارڪ اثيم

پلي، مبارڪ ’اثيم‘: مولوي مبارڪ ولد حاجي عبدالحميد پليءَ جي ولادت 1915ع ۾ اباڻي ڳوٺ کيرل ۾ ٿي. ابتدائي فارسي ۽ عربي تعليم پنهنجي عزيز مولانا عبدالخالق پليءَ وٽ ورتائين ۽ ان بعد باقي نصاب مولانا محمد عثمان قِراني ۽ مولانا محمد علي جوڻيجي وٽ مڪمل ڪري، دستاربندي ڪيائين. هو بهترين مدرس، سٺو مقرر، اديب ۽ شاعر هو. ناري پٽ جي مشهور رسالي ’قِرانيءَ‘ ۾ سندس تحريرون موجود آهن. ان کان سواءِ هن ٻه ڪتاب: (1) ’انڪشاف الحقيقت‘، ۽ (2) ’موت الهنود‘ به لکيا، جن مان پهريون شايع ٿيل آهي. سنڌيءَ کان سواءِ فارسي زبان ۾ به شاعري ڪيائين. سندس ڪلام جو بَياض ناياب آهي. مهر ڪاڇيلويءَ جي
لکيت موجب برصغيـر ۾ عـلامـه مشـرقـيءَ جـو وڏو مخالف، مولوي مبارڪ
’اثيم‘ هو. مولوي صاحب، 28 ذوالحج 1357هه/1939ع تي حج تان موٽندي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو